رضوان واسطي

رضوان واسطي: ريڊيو پاڪستان جي نامياري نيوزڪاسٽر رضوان واسطي، 1937ع ڌاري لاهور ۾ جنم ورتو. هن ڪراچيءَ جي ايس. ايم لا ڪاليج مان وڪالت جي ڊگري حاصل ڪئي. هن عملي زندگيءَ جو آغاز 1953ع ڌاري ريڊيو پاڪستان تان انگريزي نيوزڪاسٽر طور ڪيو. ان کان پوءِ نيشنل بئنڪ آف پاڪستان ۾ وائس پريزيڊنٽ مقرر ٿيو. هن پي ٽي وي تي پهرين سوپ سيريل ’شمع‘ ۾ جج جو ڪردار ادا ڪيو. ان کان سواءِ افشان، شاهين، خدا ڪي بستي ۽ تعبير ڊرامن ۾ ڪم ڪيائين. هن ڪيترين فلمن ۾ اداڪاري ڪئي. سندس فلم ’انصاف اور قانون‘ تمام گھڻي مشهور ٿي. رضوان واسطي نامياري اداڪاره طاهره واسطيءَ سان شادي ڪئي. هن جا ٻه ڪتاب: Chorus of Echoes ۽ Sher Shah Suri شايع ٿيل آهن. رضوان واسطيءَ، 26 جنوري 2011ع تي وفات ڪئي. سندس قبر گِزرِي قبرستان، ڪراچيءَ ۾ آهي.


لفظ رضوان واسطيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو